سيد علي محمد شاهه دائرائي

سيد علي محمد شاهه دائرائي: فقه حنفي جي نامور عالم سيد علي محمد شاهه ولد سيد نيڪ محمد شاهه، 26 جولاءِ 1811ع تي اڏيري لال، ضلعي مٽياريءَ ۾ جنم ورتو. شاهه عنايت شهيد جي رفيق سيد حمزه شاهه بنوريءَ جو پڙپوٽو هو. سندس خاندان سنڌ جي مشهور ’دائري شريف‘ واري مدرسي ۾ ديني خدمتون سرانجام ڏيڻ سبب ’دائرائي سيد‘ طور مشهور آهي. سيد حمزه شاهه بنوري نقشبندي پنهنجي وقت جو وڏو عالم هو. سيد علي محمد شاهه، قرآن مجيد جي ابتدائي تعليم ’دائري شريف‘ جي درگاهه ۾ حاصل ڪئي. نون سالن جي ڄمار ۾ سجاده نشين يا ’صاحب دائره‘ ٿيو. وڌيڪ تعليم مٽيارين جي جيد عالم مخدوم عبدالڪريم متعلويءَ کان پرايائين، جتي ٻين ڪيترن ئي وڏن عالمن جي پڻ صحبت نصيب ٿيس. رسمي تعليم جي تڪميل بعد مطالعي، مشاهدي ۽ تحقيق جي صلاحيت کي وڌائيندو رهيو. خاص ڪري عالم اسلام جي حنفي عالمن ۽ سنڌ جي حنفي عالمن جي تحريرن ۽ نظرين جو تقابلي جائزو ورتائين. سنڌ جي اڳين توڙي همعصر عالمن جي تصنيفن، بياضن، تحريرن ۽ فتوائن کي پڙهي، ان تي گهري نظر رکيائين. مطالعي ۽ تحقيق سان گڏ مدرسي جو انتظام سنڀاليندو رهيو. مدرسي ۾ پاڻي جي ضرورتن جي پورائي لاءِ کوهه ٻڌرايائين، لنگرخاني جو اعلى انتظام ڪيائين ۽ درس و تدريس کي زور وٺرايائين. سندس دور ۾ مدرسو وڏي اوج تي رسيو ۽ ان جو علمي دائرو وسيع ٿيو. پاڻ استاد جي حيثيت ۾ مدرسي ۾ درس ڏيندو هو. سندس ڪيترائي شاگرد فارغ التحصيل ٿي سنڌ کان ٻاهر عرب ملڪن تائين پهتا.
علي محمد شاهه بحري ٻيڙي ذريعي حج جي سعادت پڻ حاصل ڪئي. کيس علم سان گهڻي دلچسپي هوندي هئي.
سندس تصنيفن مان ’مصلح المفتاح‘، ’بياض سيدي‘ ۽ ’زبدة المواليد‘ مشهور آهن. سندس تصنيف ’مصلح المفتاح‘ حنفي فقه جي اعتبار کان نماز جي مسئلن تي هڪ تفصيلي ۽ تحقيقي ڪتاب آهي، جنهن کي ’دائري واري سنڌي‘ پڻ سڏيو وڃي ٿو. اهو ڪتاب سنڌ يونيورسٽيءَ پاران پڻ ڇپجي چڪو آهي. ڪتاب ’بياض سيدي‘ مختلف فقهي مسئلن تي بابن جي ترتيب سان مختلف ماخذن مان مسئلا جمع ڪري لکيل آهي. ڪتاب ’زبدة المواليد‘ نبي ڪريمصه جي ولادت ۽ سيرت بابت آهي.
سيد علي محمد شاهه دائرائي، سنڌ ۾ فقه حنفي جي تمام وڏن عالمن مان ڳڻيو ويو آهي. هن 21 اپريل 1870ع تي وفات ڪئي، دائري شريف ۾ مدرسي جي ڀرسان مدفون آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1811.07.26  عيسوي

فقه حنفي جي نامور عالم سيد علي محمد شاهه ولد سيد نيڪ محمد شاهه، 26 جولاءِ 1811ع تي اڏيري لال، ضلعي مٽياريءَ ۾ جنم ورتو.


1870.04.21  عيسوي

سيد علي محمد شاهه دائرائي 21 اپريل 1870ع تي وفات ڪئي، دائري شريف ۾ مدرسي جي ڀرسان مدفون آهي.



عالم - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڇٽو آخوند
رشدالله شاهه راشدي علامه
شفيع محمد منگيو مولانا
ابڙو اضعف ھالائي
سرفراز احمد ڀٽي ڊاڪٽر
عبدالحڪيم مولانا
سيد فيض الله شاهه جيلاني
حسن عجيمي شيخ
شهمير شاهه مٽياروي سيد
مخدوم عبدالرحمان ٺٽوي
عالم ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون